وزير اعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، هاڻي هو ڇو ڊنل آهي: اعتزاز احسن

atzaz-hussain

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، هاڻي هو ڇو ڊنل آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ڳولهه ڪندي اعتزاز احسن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاناماليڪس اسڪينڊل جي شفاف جاچ چاهي ٿي.

هن چيو ته ٽي او آر معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، حڪومت وزير اعظم نواز شريف کي بچائڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي.

هن چيو ته  وزير اعظم نواز شريف پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر هاڻي لڳي رهيو آهي ته نواز شريف صاحب پنهنجي اعلان تان ڦرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*