هيلري ڪلنٽن آمريڪي صدر براڪ اوباما کانپوءِ ڊيموڪريٽ پارٽي جي سينيٽرز جي اڪثريت به حمايت ڪري ڇڏي

halri-cantan-usa12-8

آمريڪي ڊيموڪريٽ پارٽي پاران صدارتي نامزدگي واري ڊوڙ ۾ حريف اميدوارن تي سرسي حاصل ڪندڙ اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جي آمريڪي صدر براڪ اوباما کانپوءِ ڊيموڪريٽ پارٽي جي سينيٽرز جي اڪثريت به حمايت ڪري ڇڏي آهي.

هيلري ڪلنٽن گذريل ڏينهن ڪولمبيا ڊسٽرڪٽ ۾ ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻڻ بعد پنهنجي ئي جماعت جي صدارتي نامزدگي جي اميدوار برني سينڊرز سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ريپبليڪنس جماعت جي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ جي وڌندڙ مقبوليت تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.

آمريڪي ميڊيا موجب ڊيموڪريٽ پارٽي پاران جماعت کي متحد ۽ مضبوط رکڻ لاءِ برني سينڊرز تي صدارتي چونڊ مهم بند ڪري هيلري ڪلنٽن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي. برني سينڊرز چونڊ مهم تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪندي چونڊ مهم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هيلري ڪلنٽن ڪولمبيا ڊسٽرڪٽ ۾ صدارتي نامزدگي واري مرحلي ۾ ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، ڪلنٽن کي 79 ۽ برني سينڊرز کي رڳو 21 سيڪڙو ووٽ مليا.

برني سينڊرز جو چوڻ آهي ته هو صدارتي نامزدگي واري ڊوڙ ۾ آخري ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ تائين موجود رهندو.

ڊيموڪريٽ پارٽي جي سينيٽرز جي اڪثريت ۽ آمريڪي صدر  براڪ اوباما به هيلري ڪلنٽن کي ڊيموڪريٽ صدارتي اميدوار طور چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي منظوري ڏئي چڪا آهن.

برني سينڊرز تازو ڪيپيٽل هل پهچي سينيٽر  هيري ريڊ سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ميڊيا کي ٻڌايو ته برني سينڊرز هيلري ڪلنٽن کي ڊيموڪريٽ پارٽي جو صدارتي اميدوار تسليم ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*