چيف اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري تائين سنڌ ۾ رٿيل ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏي

Election--11-11

چيف اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري تائين سنڌ ۾ رٿيل ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا صوبائي ميمبرز جي رٽائر ٿيڻ سبب سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي 29 جون تي رٿيل چونڊ ملتوي ڪندي نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر 22 جون تي رٿيل سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 14 تي ننڍي چونڊ به ملتوي ڪئي آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، چونڊون ملتوي ڪرڻ جو سبب اليڪشن ڪميشن جو غير فعال هئڻ آهي، صوبائي ميمبرز جي مقرري تائين چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن جا چار ئي ميمبرز رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ادارو غير فعال بڻيل آهي، گذريل ڏينهن سنڌ جي مڪاني چونڊن جي خاص سيٽن تي ڪامياب اميدوارن پاران کنيل قسم به رد ڪيا ويا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*