آپريشن ضرب عضب جي ٻن سالن دوران دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي:جنرل عاصم سليم باجوه

aasam-bajwa

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه  چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب جي ٻن سالن دوران دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، ڪراچي ۾ آپريشن دوران هڪ هزار کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا. طور خم بارڊر وٽ دير حڪومت ۽ فوج جي گڏيل فيصلي سان تعمير ڪرائي پئي وڃي، پاڪستان زمين جو هڪ انچ به افغانستان کي نه ڏيندو، ڊرون حملا پاڪستان جي خود مختياري ۽ قومي سلامتي جي خلاف آهن، جيڪي برداشت نه ڪيا ويندا.

اتروزيرستان ۾ جاري آپيشن ضرب عضب کي 2 سال مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو ته 2 سال اڳ ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيندا هئا، امن جي بحالي لاءِ 15 جون 2014 ۾ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو.

هن چيو ته آپريشن ضرب عضب شروع ڪرڻ کان اڳ افغانستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت کي آگاهه ڪيو ويو هو، پاڪستان ڪابل کي واضح ڪيو هو ته آپريشن سبب دهشتگرد افغانستان فرار ٿي سگهن ٿا، جن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران 3600 چورس ڪلوميٽر ڪليئر ڪرايو ويو، دهشتگردن جا 992 ٿاڪ تباهه ڪري  253 ٽن کان وڌيڪ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته آپريشن ضرب عضب اڃا ختم ناهي ٿيو.

سندس چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب دوران 3 هزار کان وڌيڪ دهشتگردن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويو، جڏهن ته فوجي آفيسرن سميت 500 جوانن شهادت جو جام نوش ڪري قوم جو ڳاٽ مٿانهون ڪيو آهي، عالمي برادري کي پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته فاٽا ۾ مبنگ آپريشن جاري آهي، سڪيورٽي ادارا انهن علائقن تائين رسائي حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪي نوگو بڻيل آهن، آپريشن جو مقصد پنهنجي ڌرتي کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ آهي.

ڪراچي آپريشن بابت بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ٻن سالن دوران 1200 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا يا گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته کانپوءِ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڀتا خوري سميت دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر عاصم سليم باجوه پاڪ افغان بارڊر تي ڇڪاڻ بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته طورخم بارڊر تي اڳرائي افغان فورسز ڪئي هئي، پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ڪئي، بارڊر تي موجود جوان اڳرائين جو جواب ڏيڻ لاءِ حڪومت جي اجازت جو انتظار نه ڪندا آهن.

عاصم سليم باجوا چيو ته طورخم بارڊر وٽ گيٽ لڳائڻ جو فيصلو حڪومت ۽ فوج گڏجي ڪيو هو، بارڊر تي جڏهن به حملو ٿيندو يا فائرنگ ٿيندي ته پاڪ فوج به ان جو جواب ڏيندي، اها ڳالهه واضح آهي ته مسئلو سياسي ۽ سفارتي ڳالهين سان حل ٿيندو.

پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي بابت ڳالهاليندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت راهداري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي، ڪلڀوشن ياديو جي بلوچستان مان گرفتاري اهم ثبوت آهي، جڏهن ته راهداري منصوبي سان پاڪستان سميت خطي جي قسمت تبديل ٿي ويندي.

آمريڪي ڊرون حملي بابت ڳالهائيندي جنرل عاصم سليم باجوه چيو ته پاڪستان واضح ڪري چڪو آهي ته ڊرون حملا ملڪي خودمختياري ۽ قومي سلامتي جي خلاف آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا، جڏهن اسلام آباد ڊرون حملن خلاف احتجاج به رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*