ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءَ پٽ مارجي ويا

ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي هٿياربندن جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پيءَ پٽ مارجي ويا آهن .

سرياب روڊ تي اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيءَ پٽ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي حالت ۾ اسپتال آندو ويو ، جتي هنن دم زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.

پوليس موجب، موٽرسائيڪل سوار هٿياربند گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جن جي ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*