لاهور ايئرپورٽ جو مين رن وي گذريل ڏينهن کان بند هئڻ سبب ڪيتريون ئي اڏامون سخت متاثر ٿي ويون

لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو مين رن وي گذريل ڏينهن کان بند هئڻ سبب ڪيتريون ئي اڏامون متاثر ٿيون آهن، رن وي بند هئڻ سبب پي آءِ اي جي لنڊن کان ايندڙ اڏام جي هنگامي لينڊنگ ڪئي وئي آهي ۽ جهاز کي نقصان پهتو آهي.

گذريل ڏينهن علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي خانگي اڏام جي جهاز حادثي بعد  ايئرپورٽ جو مين رن وي بند آهي، جنهن سبب ڪيتريون ئي پرڏيهه ويندڙ اڏامون متاثر ٿيون آهن.

سول ايوي ايشن جي ترجمان جارج پرويز جو چوڻ آهي ته گذريل شام جي حادثي بعد مين رن وي بند آهي، اميد آهي ته اڄ شام تائين رن وي کوليو ويندو.

سول ايوي ايشن جي ترجمان موجب، حادثي جو شڪار جهاز کي رن وي تان هٽائڻ لاءِ ڪراچي کان سامان گهرايو ويو آهي، ايئرپورٽ جو ٻيو رن وي اڏامن جي اچ وڃ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

هوڏانهن ايئرپورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ٻيو رن وي به بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب مختلف ملڪن مان ايندڙ اڏامن کي ڪراچي لينڊ ڪرايو پيو وڃي.

رن وي بند هئڻ سبب لنڊن کان لاهور ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 758 جي ڪريش لينڊنگ ڪئي وئي، جنهن سبب جهاز کي نقصان پهتو، جڏهن ته مسافر محفوظ رهيا.

ايئرپورٽ ذريعن موجب، پي آءِ اي جي اڏام کي مين رن وي تي لينڊنگ ڪرڻي هئي پر مين رن وي بند هئڻ سبب جهاز سان حادثو پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*