ماڊل ايان علي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيهر توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي

ayan ali

ماڊل ايان علي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيهر توهين عدالت جي  درخواست داخل ڪرائي   آهي ،عدالت جي حڪم باوجود  ايان علي کي گذريل رات ڪراچي ايئرپورٽ تي دبئي وڃڻ کان روڪيو ويو هو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن ايان علي کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هئي،ايان علي دبئي وڃڻ لاءِ گذريل رات ڪراچي ايئرپورٽ پهتي ته کيس ٻڌايو ويو ته سندس نالو  ايف آءِ اي پنجاب جي جاچ آفيسر جي قتل ڪيس ۾  شامل آهي، ان ڪري هو دبئي نٿي وڃي سگهي.

ايان علي کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ خلاف هن اڄ ٻيهر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*