سپريم ڪورٽ، عدالتي اسٽي باوجود اي بي آءِ ۾ ڀرتيون ڪرڻ تي اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه کي پيش ٿيڻ لاءِ آخري مهلت

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، عدالتي اسٽي باوجود اي بي آءِ ۾ ڀرتيون ڪرڻ تي اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه کي پيش ٿيڻ لاءِ آخري مهلت ڏيندي اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري عارف عظيم جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪ ڏئي ڇڏيو  آهي، عدالت رماڪس ۾ چيو آهي ته  خورشيد شاهه ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري ڪيا ويندا.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ عدالتي اسٽي باوجود اي او بي آءِ ۾ ڀرتيون ڪرڻ تي توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت پاران پورهئي ۽ افرادي قوت واري اڳوڻي وفاقي وزير خورشيد شاهه جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

چيف جسٽس رماڪس ڏنا ته خورشيد شاهه کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو، اهو پيش ڇو ناهي ٿيو، ڇو نه سندس گرفتاري وارنٽس جاري ڪيا وڃن؟.

عدالت نيب جي وڪيل کان سوال ڪيو ته قومي احتساب بيورو خورشيد شاهه ۽ عارف عظيم خلاف نرم رويو ڇو  ٿو  رکي.؟

نيب جي وڪيل دليل ڏنا ته سپريم ڪورٽ چاهي ته خورشيد شاهه۽ عارف عظيم ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري.

عدالت، خورشيد شاهه کي آخري مهلت ڏيندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

سپريم ڪورٽ رماڪس ۾ چيو ته خورشيد شاهه ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي ۽  پنهنجو وضاحتي بيان  جمع ڪرائي.

عدالت، پورهئي ۽ افرادي قوت جي اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري عارف عظيم جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري ڪندي سندس نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي چيو ته رمضان کانپوءِ ڪيس جي ڪارروائي ٻيهر هلائي ويندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*