لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پسند جي پرڻي تان جيئرو ساڙي ماريل ناري زينت قتل ڪيس ۾ ماءُ پروين بي بي ۽ ان جي ناٺي ظفر 5ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

lahore-atc-court

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پسند جي پرڻي تان جيئرو ساڙي ماريل ناري زينت قتل ڪيس ۾ ناري جي ماءُ پروين بي بي ۽ ان جي ناٺي ظفر کي 5ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ پسند پرڻي تان جيئرو ساڙي ماريل ناري زينت جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پروين بيبي سندس ناٺي ظفر علي جو جسمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ کين دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.

پوليس عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته ناري زينت جي ماءُ پروين کيس جيئرو ساڙڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته ڪيس جي سمورن رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پوليس عدالت کان استدعا ڪئي ته جوابدارن کان ڪيس بابت پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي، تنهنڪري سندن رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي ناري زينت جي ماءُ پروين بيبي ۽ سندس ناٺي کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور ۾ پسند جي پرڻي تان ناري زينت مٿان پيٽرول هاري کيس جيئرو ساڙي ماريو ويو، ڪيس ۾ ناري جو ڀاءُ انيس ڀٽي به رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*