فرانس ۾ جاري يورو ڪپ فٽبال ٽونامنٽ جي هڪ ميچ ۾ ميزبان فرانس جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد البانيه جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

footbal-

فرانس ۾ جاري يورو ڪپ فٽبال ٽونامنٽ جي هڪ ميچ ۾ ميزبان فرانس جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد البانيه جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.

فرانس جي شهر مارسيلي کيڏي ويل يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جي سلسلي واري ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي.

 ميچ ۾ ميزبان ٽِيم جي سمورن رانديگرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي،جن مخالف البانيه جي ٽيم کي کلي کيڏڻ جو موقعو فراهم نه ڪيو.

گروپ اي جي ميچ  جي پهرين هاف ۾ ڪابه ٽيم گول اسڪور نه ڪري سگهي، پر ميچ ختم ٿيڻ کان ڪجهه منٽ پهرين فرانس جي ڪريز مين گول اسڪور ڪري ٽيم کي هڪ گول جي برتري ڏياري ورتي،جنهن بعد ميزبان ٽيم جي ڊيمٽري پيئنٽ آخري لمحن ۾ گول اسڪور ڪري ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾کيڏي ويل ميچ کي ڏسڻ لاءِ تماشائين جو وڏو انگ اسٽيڊيم ۾ موجود هو،جن ميزبان ٽيم جي سمورن رانديگرن کي شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ تي کين داد ڏنو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*