يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ ۾ پوليس جي شديد تنقيد بعد روس جي پرڏيهي وزارت ماسڪو ۾ فرانس جي سفير کي طلب ڪيو آهي

Euro-footbal

يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ ۾ پوليس جي شديد تنقيد بعد روس جي پرڏيهي وزارت ماسڪو ۾ فرانس جي سفير کي طلب ڪيو آهي.

فرانس ۾ جاري يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ ۾ڪجهه ڏينهن پهرين انگلينڊ ۽روس جي تماشائن ۾ چڪريون ٿي پيون هيون،جنهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعما ڪيو.

پوليس چڪرين بعد ٻنهي ملڪن جي تماشائن کي گرفتار ڪيو هو.

پرڏيهي وزارت پاران هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس مخالف جذبن کي هٿي وٺرائڻ سبب روس ۽ فرانس جي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا.

روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف مارسيلي ۾ پوليس هٿان 43روسي شهرين جي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي.

واضح رهي ته يوئيفا چيو آهي ته جيڪڏهن يورو ڪپ ۾ روسي تماشائن وڌيڪ جهيڙا ڪيا ته روس کي نااهل قرار ڏنو ويندو.

گذريل ڏينهن به انگلينڊ جي مداحن ۽ پوليس وچ ۾چڪريون ٿيون،جنهن بعد پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو۽ڪيترن کي گرفتار ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*