سينيٽ ۾ اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد کي قتل ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽي جي ٽارگيٽ ڪلر کي هدايتون ملڻ واري انڪشافن تي التويٰ واري رٿ تي بحث

senate-pakistan-11-8

سينيٽ ۾ اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد کي قتل ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽي جي ٽارگيٽ ڪلر کي هدايتون ملڻ واري انڪشافن تي التويٰ واري رٿ تي بحث ڪيو ويو، رضا رباني چيو آهي ته هِي معاملو انتهائي سنجيده آهي، رڳو بحث ڪرائي ختم نٿو ڪرائي سگهجي.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بجيٽ سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ سياسي جماعت سان تعلق رکندڙ مبينا ٽارگيٽ ڪلر سعيد ڀرم پاران جاچ دوران شاهي سيد ۽ ٻين کي قتل ڪرڻ جون هدايتون ملڻ واري انڪشافن تي بحث لاءِ التويٰ واري رٿ پيش ڪئي وئي.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته هي انتهائي سنجيده معاملو آهي، رڳو بحث ڪرائي معاملي کي ختم نٿو ڪري سگهجي.

ايوان ۾ پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا پاران بجيٽ بابت 139 صفحن تي ٻڌل تجويزوون پيش ڪيون ويون.

سفارشن ۾ پورهيت جي پگهار 14 هزار ۽ زرعي ٽئڪس تي وياج جي شرح 2 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي.

سليم مانڊوي والا پاران پيش ڪيل تجويزن ۾ بلوچستان جي پاڻي منصوبن لاءِ 16 سئو 62 ارب رپيا رکڻ کانسواءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻن اسڪيمن لاءِ فنڊ رکڻ جي سفارش ڪئي آهي.

ايوان جي ڪارروائي جاري هئي ته سينيٽ چيئرمين اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*