قمبر ۾ جي ايس ٽي ۽ ٻين استادن پاران 7 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 قمبر ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ جي ايس ٽي ايڇ ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استادن 7 مهينن کان پگھارون نه ملڻ تي تعليم کاتي جي عملدارن خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي

ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي علي محمد منگي، مهيسر چانڊيو، امتياز هليو ۽ ٻين چيو ته اسان کي تعليم کاتي جي صوبائي وزير نثار احمد

کهڙو ٽيسٽ پاس ڪرڻ تي آرڊر ڏنا هيا اسان گذريل 7 مهينن کان مختلف اسڪولن ۾ پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيا آهيون پر  تعليم کاتي جي نااهلي ۽ لاپرواهي ڪري هن وقت

تائين پگھارون نه ڏنيون ويون آهن جنهن ڪري هن مهانگائي واري دور ۾ سخت تڪليفن ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون هنن مطالبو ڪيو ته 7 مهينن جون رهيل پگھارون ڏئي پريشانين

کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*