قومي احتساب بيورو ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ۽ امير حيدر هوتي خلاف هلندڙ جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو

Nab-12-4-16

قومي احتساب بيورو ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ۽ امير حيدر هوتي خلاف هلندڙ جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سڀاڻي نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.

ذريعن موجب، نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس سڀاڻي نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ مختلف ڪيس بند ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀاڻي واري اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف پرڏيهه ۾ اثاثن بابت هلندڙ جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي ۽ ايگزيڪيوٽو بورڊ کي ٻڌايو ويندو ته اسحاق ڊار خلاف پرڏيهه ۾ اثاثن بابت ڪي به ثبوت ناهن ملي سگهيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب پاران سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم خلاف غير قانوني اثاثن ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير امير حيدر هوتي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت هلندڙ جاچ بند ڪرڻ جي به تجويز ڏني ويندي.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته ارباب غلام رحيم خلاف غير قانوني اثاثن جي جاچ ۾ ڪي به ثبوت ناهن ملي سگهيا، ان ڪري جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ خوراڪ واري وفاقي وزير سڪندر بوڻ خلاف جاچ بند ڪرڻ جي منظوري سميت اهم شخصيتن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري وٺڻ جا به امڪان آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*