ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين سجاد حسين جي قتل ڪيس ۾ فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي کي 23 جيل موڪلي ڇڏيو

Dr-Nisar-Morai-11-3

ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين سجاد حسين جي قتل ڪيس ۾ فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي کي 23 جون تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، ٻڌڻي بعد نثار مورائي عدالتي احاطي ۾ جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندي چيو ته مٿس ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي پر هو ڪنهن جو نالو نه کڻندو.

پوليس نثار مورائي کي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ ظفر الله سولنگي جي  عدالت ۾ پيش ڪندي چيو ته نثار مورائي اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين سجاد حسين جي قتل ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جنهن کان پچا ڳاڇا ڪرڻي آهي.

عدالت پوليس جي استدعا بعد نثار مورائي کي 23 جون تائين رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، ان ڪيس ۾ عدالت آصف زرداري، ذوالفقار مرزا ۽ محمد خان چاچڙ کي بري ڪيو هو، جڏهن ته ان ڪيس ۾ نثار مورائي فرار ٿيل هو.

ٻڌڻي بعد نثار مورائي عدالتي احاطي ۾ جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندي چيو ته مٿس ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي پر هو ڪنهن جو نالو نه کڻندو.

هن چيو ته جن به پ پ سان غداري ڪئي دنيا انهن جو انجام ڏٺو آهي،مٿس ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي هو ڪنهن جو نالو نه کڻندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*