لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ ٻن ورهين جي ٻارڙي جو ڪامياب آپريشن ڪندي اڍائي ڪلو وزني گڙدو ڪڍيو ويو

larkana-opraation-gurda

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ ٻن ورهين جي ٻارڙي جو ڪامياب آپريشن ڪندي اڍائي ڪلو وزني گڙدو ڪڍيو ويو، ڊاڪٽرز  جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي طبيعت هاڻ بهتر آهي.

چانڊڪا اسپتال جي يورولاجي وارڊ ۾ ٻن ورهين جي ٻارري سمير شيخ جو آپريشن ڪندي اڍائي ڪلو وزني گڙدو ڪڍيو ويو.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جو گرڊو خراب هئڻ ڪري وڌي اڍائي ڪلو وزني ٿي ويو هو، جنهن بعد ٻارڙي  جو ڪامياب آپريشن ڪيو آهي.

ڊاڪٽرز جو وڌيڪ چوڻ جو ته ٻارڙي جي طبيعت هاڻ اڳ کان بهتر آهي، ڪجهه ڏينهن بعد ٻارڙي کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*