سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سيپڪو اختيارين جي بجلي چورن خلاف وٺ پڪڙ جاري

K-Electric-Karachi-power-electricity

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سيپڪو اختيارين جي بجلي چورن خلاف وٺ پڪڙ جاري آهي، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ نصير آباد مان چار ڄڻا گرفتار ڪري  10 کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته خيرپور ۾ سيپڪو عملدارن نيب ٽيم سان گڏ ڪارروائي ڪندي 30 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنيڪشنز ڪاٽي ڇڏيا آهن.

سيپڪو اختيارين جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ نصير آباد بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪندي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڪارروائي دوران ڪيترائي غير قانوني ڪنيڪشنز ڪاٽي 10 کان وڌيڪ ماڻهن تي بجلي چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو .

ايس اي نذير سومرو جو چوڻ هو ته  لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ سرڪاري ادارن تي 29 ارب ۽ گهريلو صارفين تي 19 ارب رپيا رهتون آهن، جيڪي ادا نه ڪيا ويا آهن.

ايس اي سيپڪو جو چوڻ هو ته سينرل جيل لاڙڪاڻو تي اڍائي ڪروڙ رپيا رهيل آهن، جيڪي ادار ڪرڻ لاءِ  نوٽيس جاري ڪيا ويا  آهن.

ايس اي سيپڪو جو چوڻ هو ته جيڪب آباد بلي چوري جي الزام ۾ عبدالحسين شاهه ۽ نظام الدين ٻرڙو  کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  شڪارپور ۾ بجلي چوري ڪرائڻ جي الزام ۾  2 لائين مين ۽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ لائين مين کي سسپينڊ ڪيو ويو آهي.

خيرپور ۾ سيپڪو اختيارن  نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر امتياز احمد رڪ ۽ ايڪسيئن سيپڪو اعجاز چنا جي اڳواڻي ۾ مختلف علائقن ڪارروائي ڪندي 30 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنيڪشنز ڪاٽي ڇڏيا………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*