طور خم سرحد تي غير قانوني اچ وڃ روڪڻ پاڪستان ۽ افغانستان جي گڏيل ذميواري آهي:سرتاج عزيز

sartaj-aziz

پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج چيو آهي ته طور خم سرحد تي غير قانوني اچ وڃ روڪڻ پاڪستان ۽ افغانستان جي گڏيل ذميواري آهي، پاڪستان افغانستان سان ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪري رهيو آهي، طور خم بارڊ وٽ گيت تعمير ڪرڻ کان اڳ ڪابل کي آگاهه ڪيو ويو هو.

قومي اسيمبلي کي اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي سرتاج عزيز چيو ته ماضي ۾ طور خم بارڊ وٽ گيٽ نه هئڻ سبب دهشتگرد افغانستان مان پاڪستان داخل ٿي حملا ڪندا رهيا.

هن چيو ته طور خم بارڊ وٽ گيٽ تعمير ڪرڻ بابت 2004 ۾ فيصلو ٿيو، جڏهن ته دستاويزن جي چڪاس بابت افغان قيادت کي اڳواٽ اگاهه ڪيو ويو.

سرتاج عزيز چيو ته بارڊر تي دهشتگردن جي اچ وڃ روڪڻ ٻنهي ملڪن جي ذميواري آهي، بارڊر 3600 ڪلو ميٽر چورس انتهاپسندن کي روڪڻ ٻنهي ملڪن جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*