سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي جي ملتوي ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر

sindh-assembly11-12-15

سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي جي ملتوي ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چونڊن ۾ دير کي عوام خلاف سازش قرار ڏنو آهي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار چيو ته مڪاني چونڊن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي پر ان جو لاڀ عوام کي نه مليو آهي.

خواجه اظهار مڪاني چونڊن جو آخري مرحلو مڪمل ڪرڻ لاءِ خورشيد شاهه کي پنهنجو ڪردار اداڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو  ته مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي ۾ دير کي هو عوام خلاف سازش سمجهن ٿا.

متحده جي سيد سردار احمد چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي مڪاني ادارن جي چونڊن جو آخري مرحلو ملتوي ڪرڻ جو اختيار نه آهي ۽ هن اهو غير قانوني قدم کنيو آهي.

    اسيپڪر آغا سراج دراني چيو ته اليڪشن ڪميشن کي مڪاني ادارن جي آخري مرحلي جي چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ وقت پتو هئڻ گهرجي ها ته اليڪشن ڪميشن جا ميمبر رٽائرڊ ٿي رهيا آهن.

صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن جو معاملو عدالتن ۾ هئڻ سبب دير جو شڪار رهيو، نثار کهڙي چيو ته مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيل اميدوارن پاران حلف کڻڻ کانپوءِ حلف برداري کي رد ڪرڻ وارو فيصلو سمجهه کان ٻاهر  آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*