اسلام آباد جي عدالت سماجي اڳواڻ ماروي سرمد کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ جي يو آءِ جي سينيٽر حافظ حمد الله جي عبوري ضمانت منظور

hafiz hamdullah and marvi sirmed

اسلام آباد جي عدالت سماجي اڳواڻ ماروي سرمد کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ جي يو آءِ جي سينيٽر حافظ حمد الله جي عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس 30 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج راجا آصف جمعيت علماءِ اسلام ( ف) جي سينيٽر حافظ حمد الله جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

حافظ حمد الله جي وڪيل ظهير الله دليل ڏيندي چيو ته اسلام آباد پوليس ڪوهسار ٿاڻي تي سندس اصيل خلاف ماروي سرمد جي درخواست تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي.

 وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس ۾ شامل ڪيل قلم ضمانت ٿيڻ  جوڳا آهن، ان ڪري سندس اصيل جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت استدعا منظور ڪندي سينيٽر حمد الله جي 23 جون تائين عبوري ضمانت ڪندي کيس 30 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ڪوهسار پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ڪيس جو سمورو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.

واضح رهي ته سماجي اڳواڻ ماروي سرمد نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڌمڪيون ڏيڻ ۽ بدتميزي ڪرڻ تي حافظ حمد الله خلاف اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ قلم 506 ۽ قلم 394 شامل ڪيون ويون هيون……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*