سنڌ هاءِ ڪورٽ شگرملز جي درخواست تي پنهنجي ئي فيصلي تي 5 جنوري تائين عملدرآمد روڪي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ، شگر ملز عدالتي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائڻ لاءِ ڪمند جو في مڻ اگهه 182 رپيا تي شروع ڪرڻ واري پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽ جسٽ مقبول باصر جي سربراهي ڊويزنل بئنچ شگر ملز  جي درخواست تي 5 جنوري تائين عملدرآمد روڪيو.

شگر ملز پارا داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪمند جي في اگهه هڪ سئو 82 رپين تي پيڙائي شروع ڪرڻ سان نقصان پهچندو، جنهن لاءِ هو عدالتي فيصلي خلاف سرپرم ڪروٽ ۾ اپيل داخل ڪرائيندا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ شگر ملز جي درخواست تي ڪمند جي پيڙائي شروع ڪرڻ واري پنهنجي ئي فيصلي تي 5 جنوري تائين عملدرآمد روڪي ڇڏيو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ شگر ملز کي ڪمند جو في اگهه هڪ سئو 82 رپيا تي تڪڙي بنيادن تي پيڙائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*