لاهور ۾ ماڊل ٽائون سانحي کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ پاڪستان عوامي تحريڪ طرفان اڄ مال روڊ تي ڌرڻو هنيو پيو وڃي

tahir-qadri

لاهور ۾ ماڊل ٽائون سانحي کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ پاڪستان عوامي تحريڪ طرفان اڄ مال روڊ تي ڌرڻو هنيو پيو وڃي، ڌرڻي جي سڪيورٽي لاءِ 2 هزار پوليس اهلڪار ۽ هڪ هزار منهاج جا رضاڪار مقرر هوندا.

ماڊل ٽائون سانحي جي ٻي ورسي جي موقعي تي پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جي اڳواڻيءَ ۾ اڄ مال روڊ تي ڌرڻو هنيو ويندو.

ڌرڻي واري هنڌ تي ڪرسين سميت ٻيو ضروري سامان پهچايو ويو آهي ۽ منهاج القرآن جا رضاڪار ڌرڻي جي تيارين ۾ مصروف آهن، جڏهن ته سڪيورٽي لاءِ 2 هزار پوليس اهلڪار ۽ هڪ هزار منهاج القرآن جا رضاڪار مقرر هوندا.

ڌرڻي دوران پي اي ٽِي سربراهه طاهرالقادري طرفان ماڊل ٽائون سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري وارو مطالبو ورجايو ويندو.

واضح رهي ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ پوليس ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪرين دوران 14 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

سانحي کي 2 سال گذرڻ باوجود متاثرن جي خاندانن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*