جعفرآباد ويجهو بارودي سرنگهه جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا مارجي ويا

jaffarabad--blast-2-killed

جعفرآباد ويجهو بارودي سرنگهه جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا مارجي ويا، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

ملگزار ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيد محمد بگٽي وٽ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻارڙا مارجي ويا.

پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻارڙن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس موجب زمين ۾ پوريل بارودي مواد ٻارڙن جي گذرڻ دوران ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن سبب واقعو پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*