اوٻاوڙو ۾ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران شهر کان ٻاهر ٺهرايل مارڪيٽ ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف دوڪاندارن ۽ ريڙهي وارن ڪاروبار بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

ubauro-map

اوٻاوڙو ۾ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران شهر کان ٻاهر  ٺهرايل مارڪيٽ ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف دوڪاندارن ۽ ريڙهي وارن ڪاروبار بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

گوشت، مڇي ۽ سبزي جي دوڪاندارن، فروٽ فروش ريڙهي وارن جي اڳواڻن ملڪ خوشي محمد، ملڪ الياس ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون انتظاميا هنن کي نئين ٺهرايل مارڪيٽ ۾ زبردستي منتقل ڪرڻ چاهي پئي.

هنن جو چوڻ هو ته شهر کان ٻاهر ٺهرايل مارڪيٽ ۾ ٽرانسپورٽ، پيئڻ جي پاڻي ۽ دوڪانن مٿان ڇپرن سميت ڪي به سهولتون نه آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته نئين مارڪيٽ ۾ سهولتون مهيا ڪرڻ بنا شهر جي مک بازار مان زبردستي منتقل ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*