سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم پاران پنهنجي ملڪيت ۽ ڪاروبار جا انتظام پـُٽ حوالي ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

Dr-asim-in-sindh-hi-courtسنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم پاران پنهنجي ملڪيت ۽ ڪاروبار جا انتظام پـُٽ حوالي ڪرڻ  بابت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل انور منصور خان موڪل جي درخواست ڏني آهي اها رد ڪرائڻ کان اڳ ٻڌڻي نٿي ڪري سگهجي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بئنچ ڊاڪٽر عاصم پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم ڪاروبار ۽ ملڪيت جا انتظام پنهنجي پٽ عمادالدين حوالي ڪيا آهن ۽ سمورا دستاويز تصديق لاءِ پرڏيهي وزارت کي موڪليا ويا پر انهن جي تصديق نه ٿي آهي، جنهن سبب سندس ڪاروبار کي نقصان پهچي رهيو آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت کي پاور آف اٽارني جي تصديق جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت، پرڏيهي وزارت پاران ڪليئرنس نه ملڻ سبب درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*