روهڙي جي سول ڪورٽ ۾ پيشي تي آيل ٻن قيدين کي مخالف ڌر جي ماڻهن حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو

rohri-civil-court

روهڙي جي سول ڪورٽ ۾ پيشي تي آيل ٻن قيدين کي مخالف ڌر جي ماڻهن حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان جوابدارن حملو ڪيو.

سول ڪورٽ جي آحاطي ۾ جوابدارن حملو ڪري پيشي تي آيل قيدي رمضان شيخ سميت  ٻن قيدين کي لٺيون ۽ سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

پوليس حملو ڪندڙ جوابدارن مان هڪ ڄڻي رشدي شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي جي دبر واري علائقي ۾شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان هلندڙ جهيڙي واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ته مخالف ڌر جي ماڻهن مٿن حملو ڪيو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*