ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ پنجاب رينجرز جا ٻه آفيسر سخت زخمي ٿي پيا

ڀارتي فوج درندگي جو مظاهرو ڪندي پنجاب رينجرز جي مقامي ڪمانڊرز کي فليگ ميٽنگ لاءِ گهرائي مٿن فائرنگ ڪري ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 آفيسر سخت زخمي ٿي پيا آهن.

ڀارت پاران گذريل ڏينهن مقامي ڪمانڊرز جي فليگ ميٽنگ گهرائي وئي هئي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ پنجاب رينجرز جا 2 آفيسر شڪرڳڙهه سيڪٽر ۾ ڀارتي حدن اندر داخل ٿيا ته دشمن فوج مٿن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ پنجاب رينجرز جا 2 آفيسر سخت زخمي ٿي پيا، جنهن بعد پاڪستان رينجرز دشمن فوج جي ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو.

ذريعن موجب، ڀارتي فوج زخمي جوانن لاءِ ايمبولينس جي رسائي به نه ڏني وئي ۽ نه ئي زخمين کي کڻڻ ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته ڀارتي فوج پاران شڪر ڳڙهه سيڪٽر تي ڪيترن ئي ڏينهن کان ورڪنگ بائونڊري جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*