جيڪب آباد ۾ غلط سائيڊ کان بازار ۾ داخل ٿيندڙ رڪشا ڊرائيور کي پوليس اهلڪارن وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو

jecobabad-police-tashdad

جيڪب آباد ۾ غلط سائيڊ کان بازار ۾ داخل ٿيندڙ رڪشا ڊرائيور کي پوليس اهلڪارن وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺندي ٻنهي اهلڪارن کي معطل ۽ ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو.

ون وي ٽوڙي عورتن جي بازار ۾ داخل ٿيندڙ رڪشا ڊرائيور کي پوليس اهلڪارن روڪي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو.

واقعي واري هنڌ تي موجود شهرين پاران رڪشا ڊرائيور کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تنهن باوجود پوليس اهلڪار ڌاڙيلن جيان ڊرائيور تي لٺيون وسائيندا رهيا.

رڪشا ڊرائيور تي تشدد واري وڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد اقبال کوکر نوٽيس وٺندي ٻنهي اهلڪارن احسان ۽ اقبال جکراڻي کي معطل ۽ ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي جيڪب آباد ٻنهي اهلڪارن جون ٻن سالن جون انڪريمينٽس پڻ رد ڪري ڇڏيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*