هالا ويجهو پوليس ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي عورت کي بازباب ڪرائي هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

police-operation

هالا ويجهو پوليس ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي عورت کي بازباب ڪرائي هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر جو چوڻ آهي ته جاکري جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار اسماعيل ماڇي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران انڙ آباد مان اغوا ڪيل عورت مسمات ريشمان جمالي کي به بازياب ڪرايو ويو آهي.

ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ هو ته ڪارروائي ۾ جوابدار اسماعيل ماڇي جي زال مسمات بشيران کي به  حراست ۾ ورتو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*