نيب چيئرمين جي مصروفيتن سبب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو رٿيل اڄوڪو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو

Nab-12-4-16

نيب چيئرمين جي مصروفيتن سبب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو رٿيل اڄوڪو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ اجلاس ۾ خوراڪ واري وفاقي وزير سڪندر بوسڻ ۽ ن ليگ اڳواڻ شفقت شاهه شيرازي خلاف جاچ شروع ڪرڻ جي اجازت ورتي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي احتساب بيورو جي چيئرمين قمر الزمان چوڌري جي مصروفيتن سبب نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اڄوڪو رٿيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ اجلاس ۾ خوراڪ واري وفاقي وزير سڪندر بوسن ۽ ن ليگ اڳواڻ شفقت شاهه شيرازي خلاف جاچ شروع ڪرڻ جي اجازت ورتي ويندي.

قومي احتساب بيورو جي اجلاس ۾ اسحاق ڊار خلاف پرڏيهه ۾ اثاثن بابت هلندڙ جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي ۽ ايگزيڪيوٽو بورڊ کي ٻڌايو ويندو ته اسحاق ڊار خلاف پرڏيهه ۾ اثاثن بابت ڪي به ثبوت ناهن ملي سگهيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب پاران سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم خلاف غير قانوني اثاثن ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير امير حيدر هوتي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت هلندڙ جاچ بند ڪرڻ جي به تجويز ڏني ويندي.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته ارباب غلام رحيم خلاف غير قانوني اثاثن جي جاچ ۾ ڪي به ثبوت ناهن ملي سگهيا، ان ڪري جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*