ڪراچي ۾ 6 جماعتي بلدياتي اتحاد مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ مرد ۽ عورت ميمبرز جي حلف برداري جو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو

electation-

ڪراچي ۾ 6 جماعتي بلدياتي اتحاد مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ مرد ۽ عورت ميمبرز جي حلف برداري جو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته مڪاني چونڊن جو آخري مرحلو مڪمل نه ٿيڻ سبب شهر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، سيوريج ۽ اسٽريٽ لائيٽس سميت ٻيا بنيادي مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نون، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام ف ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻن مڪاني ادارن جي چيئرمينز ۽ وائيس چيئرمينز جي اميدوارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي.

ان موقعي تي نجمي عالم ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي ۾ ڪوتاهي ڪئي وئي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز ريٽائرڊ ٿي رهيا هئا ته پوءِ شيڊول ڇو جاري ڪيو ويو.

هنن چيو ته بلدياتي چونڊن جو مرحلو مڪمل نه ٿيڻ سبب شهر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، سيوريج ۽ اسٽريٽ لائيٽس سميت ٻيا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن.

اڳواڻن چيو ته مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ مرد ۽ عورت ميمبرز جي حلف برداري جو سلسلو مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ وارو عمل مڪمل ٿي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*