پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف رٿيل چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ سڀاڻي لاهور کان دبئي رستي انگلينڊ رواني ٿيندي

pakistani-team-training

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف رٿيل چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ سڀاڻي لاهور کان دبئي رستي انگلينڊ رواني ٿيندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم دوري کان پهرين مختلف ٽريننگ ڪيمپس ۾ شرڪت ڪئي،جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوڪس فزيڪل فٽس کي ڪيو ويو.

پاڪستان جي ٽيم ٽيسٽ سيريز کان پهرين انگلينڊ ۾ ٻن هفتن واري ٽريننگ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 14 جولاءِ تي لارڊز جي ميدان تي کيڏي ويندي.

قومي ٽيم جي قيادت مصباح الحق ڪندو،جڏهن ته ٻين رانديگرن يونس خان، محمد حفيظ، سرفراز احمد، اسد شفيق، اظهر علي، ياسر شاهه، شان مسعود، افتخار احمد، محمد رضوان، راحت علي، سهيل خان، وهاب رياض، ذوالفقار بابر، محمد عامر،سميع اسلم ۽ عمران خان جونيئر شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*