فرانس ۾ جاري يورو ڪپ 2016 فٽبال ٽورنامنٽ جي گروپ بي جي هڪ ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ويلز جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

Euro-footbal

فرانس ۾ جاري يورو ڪپ 2016 فٽبال ٽورنامنٽ جي گروپ بي جي هڪ ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ويلز جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.

فرانس جي شهر لينز ۾ کيڏي ويل گروپ بي جي ميچ جي پهرين هاف ۾ ويلز پاران گيرٿ بيل هڪ گول اسڪور ڪري ٽيم کي هڪ گول جي برتري ڏياري ورتي،جيڪا پهرين هاف جي پڄاڻي تائين برقرار رهي.

ميچ جي ٻيئن هاف ۾ انگلينڊ جي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون،هيري ڪين ۽ريم اسٽرلنگ جي جاءِ تي جيمي وارڊي ۽ڊينئل اسٽريچ کي ميدان ۾ لاٿو.

جيمي وارڊن ٻئين هاف جي شروع ۾ گول اسڪور ڪري ميچ کي هڪ-هڪ گول سان برابر ڪري ورتو.

مقرره وقت اندر ميچ هڪ-هڪ گول سان برابر رهي ۽ اضافي وقت ۾ انگلينڊ جي ڊينيئل اسٽرچ گول اسڪور ڪري ٽيم کي مخالف ٽيم خالف هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*