ڀارت: گجرات وڳوڙن جي ڪيس ۾ 24 ڄڻن کي سزا

india-police

ڀارت جي خاص عدالت گجرات وڳوڙن دوران 69 مسلمانن جي قتل عام جي ڏوهه  ۾ 11 ڄڻن کي عمر قيد ۽ 13 ڄڻن کي مختلف سزائون ٻڌائي ڇڏيون آهن،  سزا آيل ڏوهارين ۾ انتها پسند تنظيم وشوا هندو پريشد جو اڳواڻ ۽ ڪانگريس جو اڳوڻو ڪونسلر به شامل آهي. گجرات جي راڄڌاني احمد آباد جي عدالت 14 سال اڳ گلبرگ سوسائٽي ۾ هندو انتهاپسندن جي حملي ۾ ڪانگريس جي اڳوڻي ايم پي احسان جعفري سميت 69 ماڻهن جي قتل عام ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏنل 24 ڄڻن کي مختلف سزائون ٻڌائي ڇڏيون آهن. عدالت 11 ڏوهارين کي قلم 302  تحت قتل جي ڏوهه۾ عمر قيد، هڪ ڄڻي کي 10 سال ۽ 12 ڄڻن کي 7 – 7 قيد جي سزا ٻڌائي. جن ڏوهارين کي سزا ٻڌائي وئي آهي، انهن ۾ وشوا هندو پريشد جو اڳواڻ اتل ويديه ۽ ڪانگريس جو اڳوڻو ڪائونسلر ميگهه جي چوڌري به شامل آهي. عدالت اڳ ئي ڪيس مان 34 ڄڻن کي بري قرار ڏنو هو، جنهن ۾ انتهاپسند تنظيمن جا اهم اڳواڻ به شامل هئا. پر احسان جعفري جي بيوه ۽ ٻين متاثرن عدالت جي اهڙي فيصلي تي عدم اعتماد ظاهر ڪندي قانوني ويڙهه جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هوئ گلبرگ سوسائٽي ۾ مسلمانن جي قتل عام جو واقعو گجرات ۾ مذبهي وڳوڙن جو وڏو وڳوڙ هو، اهي وڳوڙ 2002ع ۾ ان وقت شروع ٿيا هئا، جڏهن گوڌرا ۾ سابرمتي ايڪسپريس ٽرين تي حملي ۾ 59 ڄڻا مارجي ويا هئا. هي ڪيس انڪري به اهم هو جو هن ڪيس جي جاچ سپريم ڪورٽ جي اڳواڻي ۾ خاص جاچ ٽيم ڪئي هئي. هن ڪيس کان سواءِ گجرات وڳوڙن جا 9 ٻيا ڪيس به آهن، جن جي جاچ به سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*