ڀارت: گجرات وڳوڙن جي سهائتا ڪندڙ سماجي تنظيم جو لائسنس رد

salbrang trust

ڀارتي رياست گجرات ۾ 2002ع جي هندو مسلمان وڳوڙن جي متاثرن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اڳواڻ تـــِيستا ستلواڊ جي تنظيم جو لائسنس رد ڪيو ويو آهي. ڀارت جي مرڪزي حڪومت تيستا جي غير سرڪاري سماجي تنظيم “سبرنگ ٽرسٽ” جو ايف سي آر اي لائسنس رد ڪيو آهي، ايف سي آر اي لائسنس سان ڀارت ۾ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمون يا تعليمي ادارا پرڏيهي مالي مدد حاصل ڪري سگهندا آهن. گذريل سال ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي هيٺ تــِيستا جي تنظيم جي رجسٽريشن 6 مهينن لاءِ رد ڪري ڇڏي هئي. گجرات رياست جي حڪومت جو الزام آهي ته تيستا سيتلواڊ ۽ ان جو مڙس جاويد آنند تنظيم کي پرڏيهه مان ملندڙ امداد کي ذاتي فائدن لاءِ استعمال ڪيو آهي. پر سيتلواڊ ۽ سندس مڙس اهڙن الزامن کي رد ڪن ٿا، سندس چوڻ آهي ته بي جي پي حڪومت انتقامي ڪارروائي ڪري رهي آهي. مودي سرڪار تيستا خلاف سي بي آءِ کان جاچ شروع ڪرائي هئي، جنهن دوران تيستا جي گهر ۽ آفيس تي ڪيترائي ڀيرا ڇاپا به هنيا ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*