بالي ووڊ فلم “اڙتا پنجاب” رليز

bollywood film urta punjab

سينسر بورڊ کان عدالت ۾ جنگ کٽڻ بعد بالي ووڊ فلم “اڙتا پنجاب” رليز ٿي وئي آهي، پنجاب ۾ نوجوان نسل ۾ نشي جي لت جي موضوع تي ٺاهيل فلم جي ڪاسٽ ۾ شاهد ڪپور، عاليه ڀٽ،  ڪرينا ڪپور ۽ دلجيت ڊسانجهه شامل آهن، فلم جو ڊائريڪٽر اڀيشڪ چوبـــَي آهي، “اڙتا پنجاب” جي پروڊيوسرز ۾ شوڀا ڪپور، ايڪتا ڪپور، انوراگ ڪشپ ۽ ٻيا شامل آهن. “اڙتا پنجاب” تي ڀارتي سينسر بورڊ پنجاب ۽ سياست جا حوالا ڏيڻ تي اعتراض واريندي 94 ڪٽ هڻڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن کي انوراگ ڪشپ بمبئي هائيڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو، جنهن فلم کي رڳو هڪ ڪٽ سان رليز ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته “اڙتا پنجاب” باڪس آفيس تي ڪهڙو ٻوٽو ٿي ٻاري…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*