ڪراچي جي علائقي رضويه سوسائٽي سميت مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪارروايون ڪري ٽن مبينا دهشتگردن سميت 18 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتا

karachi-violence-claims-3-lives-rangers-arrest

ڪراچي جي علائقي رضويه سوسائٽي سميت مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪارروايون ڪري ٽن مبينا دهشتگردن سميت 18 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب رضويا سوسائٽي، مبينا ٽائون، بلدياٽائون ۽ جمشيد ڪوارٽر ۾ ڳجهي اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز ڪارروايون ڪيو ن.

پوليس موجب ڪاررواين دوران ٽن دهشتگردن سميت 18 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ، جن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، دستي بم ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب پڪڙيل جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڀتي خوري سميت ٻين مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهن، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*