پنجاب جي شهر قصور ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ 3 فرار ٿي ويا
پنجاب جي شهر قصور ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ 3 فرار ٿي ويا.
پوليس موجب سرهالي روڊ تي ڳجهي اطلاع تي ڇاپي دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو.
مقابلي دوران 3 جوابدار اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته مارجي ويل جوابدار جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب مارجي ويل جوابدار ڦر، اغوا، ڌاڙي ۽ قتل سميت 40 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو….