مظفرآباد ڀرسان مسافر بس جهلم درياهه ۾ ڪري پئي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ڪيترائي زخمي

مظفرآباد ڀرسان اصغرآباد واري علائقي ۾ مسافر بس جهلم درياهه ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

مظفرآباد کان راولپنڊي ايندڙ مسافر بس تيز رفتاري سبب جهلم درياهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي درياهه ۾ ٻڏي ويا آهن.

حادثي بعد مقامي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحٽ لاش ۽ درياهه مان زخمين کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته هن مهل تائين 8 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.

ذريعن موجب، حادثي سبب ڪيترائي ماڻهو درياهه ۾ڦاتل آهن، جن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مقامي ماڻهن پاران ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*