وزيراعظم نواز شريف، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد کي لنڊن طلب ڪري ورتو

parvez-nawaz

وزيراعظم نواز شريف، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد کي لنڊن طلب ڪري ورتو،  پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽِي او آر ۽ ملڪي سياسي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندو.

وزير اعظم ميان نواز شريف، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد کي لنڊن سڏائي ورتو آهي.

ذريعن موجب، وفاقي وزير وزير اعظم نواز شريف کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري ۽ پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽي او آر سميت ملڪي سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏيندو.

ذريعن موجب پرويز رشيد، قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتن جي حوالي سان پڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*