بخشاپور ويجهو هٿياربندن ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري هندو نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

bakhshapur-muder

بخشاپور ويجهو هٿياربندن ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري هندو نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي .

بخشاپور ۾ ڦر جي ارادي سان بيٺل 5 کان وڌيڪ هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار اجي ڪمار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، نوجوان پاران نه بيهڻ تي  جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان اجي سخت زخمي ٿي پيو.

هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل اجي ڪمار کي لاڙڪاڻي اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾فوت ٿي ويو.

مقتول نوجوان جو لاش  واپس ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، لاش گهر پهچڻ تي گهرڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*