لاڙڪاڻي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

larkana

لاڙڪاڻي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

دڙي ٿاڻي جي حد بيت المال ڪالوني ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورهين جو لال ڏنو جتوئي مارجي ويو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب پورهيت آرا مشين تي ڪم ڪندو هو، واقعو جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*