ڄام نواز علي ويجهو پوليس عدالتي حڪم تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 هارين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
ڄام نواز علي ويجهو پوليس عدالتي حڪم تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 هارين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
درخواست گذار شفي سولنگي عدالت کي درخواست ڪئي ته نوان باغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ اشرف الدين مري ۾ زميندار اشرف مري هن جي زال آمنا، هن جي ٻارڙن ۽ ٻين مائٽن کي ناحق قيد ڪري رکيو آهي.
پوليس عدالتي حڪم بعد ڇاپو هڻي 2 عورتن مسمات آمنا ۽ مسمات مِني، هڪ مرد علي گل سولنگي ۽7 ٻارڙن کي بازياب ڪرايو، بازياب ٿيل هارين کي ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊو آدم جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو………………