خانپور مهر ڀرسان مهر واهه کي 60 فوٽ گهارو پوڻ ڪري فصل پاڻي هيٺ اچي ويو

khanpur-mirwah-shugaf

خانپور مهر ڀرسان مهر واهه کي 60 فوٽ گهارو پوڻ ڪري فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، جڏهن ته سانگهڙ ۾ سماٿري شاخ لڳل 10 فوٽن جو گهارو آبپاشي عملو نه پهچڻ ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

 خانپور مهر ڀرسان مهر واهه کي کي آر ڊي 52 وٽان  60 فوٽ گهارو پوڻ ڪري ووڻن جو سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، پر اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو آهي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گهارو پوڻ ڪري پاڻي تيزي سان ڳوٺ پياري لاشاري طرف وڌي رهيو آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

سانگهڙ ورڪشاپ ويجهو سماٿري شاخ کي 10 فوٽ گهارو پوڻ ڪري فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهچڻ ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*