ميانوالي ۾ پاڪ فوج جو بنا پائليٽ وارو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو
ميانوالي ۾ پاڪ فوج جو بنا پائليٽ وارو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، ذريعن موجب تربيتي جهاز فني خرابي سبب ايئر بيس تان اڏام بعد 6 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي ڪري پيو.
هيڊ پڪا واري علائقي ۾ پاڪ فوج جو بنا پائليٽ وارو جهاز تربيتي اڏام دوران ڪري تباهه ٿي ويو.
ذريعن موجب ايئربيس تان اڏام ڪرڻ کانپوءِ تربيتي جهاز 6 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ڪري پيو.
ذريعن موجب تربيتي جهاز فني خرابي سبب ڪِري تباهه ٿيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.