ايڌي سينٽر ۾ ترسيل نينگر عبدالله سٽي ڪورٽ ۾ ملاقات لاءِ آيل سندس دعويدار پي چوڌري اقبال کي اڄ ٻيهر سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

abdullah

ايڌي سينٽر ۾ ترسيل نينگر عبدالله سٽي ڪورٽ ۾ ملاقات لاءِ آيل سندس دعويدار پي چوڌري اقبال کي اڄ ٻيهر سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،  چوڌري اقبال جو چوڻ آهي ته عبدالله سان ملاقات تي کيس خوشي ٿي آهي.

  عدالت چوڌري اقبال جي عبدالله سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تحت اڄ چاڪليٽ، رانديڪا، ڪپڙا ۽ سامان کڻي سٽي ڪورٽ پهتل چوڌري اقبال کي عبدالله ٻيهر سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻه جولاءِ تي چوڌري اقبال جي ٻيهر عبدالله سان ملاقات ڪرائي ويندي.

ٻن ڪلاڪن تائين عبدالله سان ملاقات ڪندڙ چوڌري اقبال جو چوڻ هو ته پٽ سان ملي کيس ڏاڍي خوشي ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*