تحريڪ انصاف، قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل تڪن تي ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

Imran Khan -Pti

تحريڪ انصاف، قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل تڪن تي ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آئين تحت خالي پيل تڪن تي 60 ڏينهن اندر ننڍي چونڊ ڪرائڻ لازمي آهي، چونڊ ملتوي ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏني وڃي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اين اي 63 جهلم تي ننڍي چونڊ لاءِ اميدوار فواد چوڌري سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر قومي اسيمبلي جي خالي پيل تڪن تي رٿيل ننڍي چونڊ اڻڄايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي پر کيس اهڙو اختيار نه آهي.

درخواستگذار موجب آئين تحت خالي پيل تڪن تي 60 ڏينهن اندر چونڊ ڪرائڻ لازمي هوندي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ننڍي چونڊ ملتوي نٿو ڪري سگهي.

عدالت، کي استدعا ڪئي وئي ته قومي اسيمبلي جي تڪن تي چونڊ ملتوي ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي اليڪشن ڪميشن کي آئين موجب چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

واضح رهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر، چئني ميمبرز جي مقرري تائين سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، قومي اسيمبلي جي تڪن تي ننڍي چونڊ ۽ ڪي پي ۾ رٿيل مڪاني ادارن جي مخصوص سيٽن تي چونڊ ملتوي ڪئي هئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*