اسلام آباد جي عدالت، هرجاڻي واري دعويٰ تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي وڪيل کي 27 جون تائين جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت

imran-khan-

اسلام آباد جي عدالت، هرجاڻي واري دعويٰ تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي وڪيل کي 27 جون تائين جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج راجا خرم علي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان خلاف وفاقي وزير اسحاق ڊار جي پٽ علي مصطفيٰ ڊار پاران داخل ڪرايل 5 ارب رپين جي هرجاڻي واري دعويٰ تي ٻڌڻي ڪئي.

 اسحاق ڊار جي پٽ علي مصطفيٰ ڊار موقف اختيار ڪيو ته عمران خان هڪ پريس ڪانفرنس ۾ مٿس گڏيل عرب امارتن ۾ غير قانوني ملڪيت ٺاهڻ جابي بنياد الزام لڳايا هئا، جنهن تي عمران خان کي معافي وٺڻ گهرجي.

ٻڌڻيءَ دوران سينيئر وڪيل بابر اعواڻ عمران خان پاران وڪيل طور عدالت ۾ پيش ٿيو.

بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان کيس وڪيل مقرر ڪيو آهي، ان ڪري وڪالت نامو ۽ جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي ۽ ٻڌڻي عيد کانپوءِ ملتوي ڪئي وڃي.

عدالت، ٻڌڻي عيد کانپوءِ ملتوي ڪرڻ واري استدعا رد ڪندي ڪيس جي ڪارروائي 27 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت، بابر اعواڻ کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائڻ سان گڏ وڪالت نامو به جمع ڪرايو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*