سنڌ هاءِ ڪورٽ فشرمين ڪو آپريٽوِ سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جي علاج واري درخواست تي سومر تائين فيصلو محفوظ

Dr-Nisar-Morai-11-3

سنڌ هاءِ ڪورٽ فشرمين ڪو آپريٽوِ سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جي علاج واري درخواست تي سومر تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو، نثار مورائي اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين سجاد حسين جي قتل ڪيس ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ آهي.

فشرمين ڪو آپريٽوِ سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جو علاج ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ڌرين ڌرين جي وڪيلن پيش ٿي دليل ڏنا.

نثار مورائي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس موڪِل کي ڳَلي جي ڪينسر آهي، جنهن ڪري کيس علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو سومر تائين محفوظ ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته نثار مورائي اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين سجادحسين جي قتل ڪيس ۾ 90 ڏينهن رينجرز تحويل ۾ رهي چڪو آهي ۽ هاڻي هــُو عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*