خيبر پختونخواه ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن کي اختيار نه ڏئي عوامي حقن تي راتاهو هنيو پيو وڃي:دانيال عزيز

dyanal-aziz

نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته خيبر پختونخواه ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن کي اختيار نه ڏئي عوامي حقن تي راتاهو هنيو پيو وڃي، ڪي پي سرڪار بلدياتي نظام کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي، ضلعي ناظمن کي ڏنل اختيار به واپس ورتا ويا.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته خيبرپختونخوا ۾ مڪاني ادارن کي مفلوج بڻايو ويو آهي، صوبائي حڪومت چونڊيل آيل نمائندن کي اختيار نه ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته ضلعي ناظمن کي ڏنل اختيار به واپس ورتا ويا آهن، ڪي پي سرڪار پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي قيام لاءِ به ڪي قدم نه کنيا آهن.

دانيال عزيز چيو ته خيبر پختونخوا ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوبه قانون موجود نه آهي، خيبر بئنڪ کي کوکلو ڪيو ويو.

نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو ته صوبي اندر امن امان ۾ بهتري وارين دعوائن ۾ ڪابه صداقت نه آهي، ڏينهون ڏينهن امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*